SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مٽاسٽا - ڏي- وٺ - تبادلو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مٽاسٽا - ڏي- وٺ - تبادلو

Reciprocity

ريسيپروسٽي

هن اصطلاح مان مراد ٻن رياستن وچ ۾ ذميوارين يا حقن جي مٽا سٽا ڪرڻ، برابريءَ جا حق مڃڻ يا هڪٻئي کي هڪجيترا فائدا ڏيڻ آهي، ته جيئن ٻن ملڪن وچ ۾ برابري ۽ هڪ- جهڙا ئي پئدا ٿئي. هن قسم جي ماحول پئدا ٿيڻ سان ٻن ڌرين ۾ واپاري معاملا خوش اسلوبيءَ سان هلندا رهندا آهن. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هيءُ هڪ ڪارائتو اصول آهي، جيڪو ٽن نڪتن تي ٻڌل هوندو آهي: 1. ٻڌي قائم ڪرڻ ذريعي، سياسي طور تي اهڙا قدم کنيا ويندا آهن، جيئن بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ايڪو رهي ۽ رياستن وچ ۾ تڪرار گهٽجن. 2. مستقل بنيادن تي واپاري لاڳاپا قائم رکڻ جون ڪوششون وٺڻ، ته جيئن ڏيتي ليتيءَ لاءِ هڪ سرشتو موجود رهي. 3. هر حڪومت هميشه اهڙا اُپاءَ وٺي، جن سان سهڪار جو ماحول جُڙي ۽ جنهن ملڪ سان سندس جهڙي نوعيت جا طئه ٿيل تعلقات آهن، انهن کي اوتري بهتر ذميواريءَ سان نڀائي. سماجي سائنسدانن جي خيال ۾ هي عمل تمام گهڻي اهميت وارو آهي، ڇاڪاڻ ته ”ريسيپرو سٽي“ مُلڪن وچ ۾ ڪافي اڻ وڻندڙ واقعن کي رنڊائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن عمل جو وڏي ۾ وڏو مثال دُنيا جي ملڪن وچ ۾ سفارت خانن جو موجود هجڻ آهي. جيڪڏهن ملڪ ”الف“ جو سفير ملڪ ”ب“ ۾ وڃي ٿو، ته ملڪ “ب“، ملڪ ”الف“ جي سفير کي گهربل مانُ ۽ سهولتون ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري ملڪ ”الف“ جي به موٽ ۾، اها ذميواري آهي، ته اهو ملڪ ”ب“ جي سفير کي پڻ ساڳيو مانُ ۽ سهولتون ڏئي. 1934ع ۾ بين الاقوامي سياست ۾ جيڪا قوم پرستيءَ ۽ عليحدگيءَ جي فضا پکڙي هئي، انهيءَ کي روڪڻ لاءِ ”ريسيپروسٽي“ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن عمل ذريعي ملڪن جي ضرورتن کي سمجهڻ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ به گهربل طريقا ڪم آڻي سگهجن ٿا


Remember Me Also:

فنافي الشيخ

ذ. صوفي طريقي موجب فنا جي پهرين منزل جو نالو جنهن ۾ مريد مرشد سان محبت ۽ عقيدت ۾ غرق هُجي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal